رانجهاڻي  عبدالستار

رانجهاڻي عبدالستار

رانجهاڻي عبدالستار

رانجهاڻي، عبدالستار: عبدالستار رانجهاڻي، 17 ڊسمبر 1952ع تي دادوءَ جي تاريخي ڳوٺ خداآباد ۾ الهداد رانجهاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي شروعاتي تعليم استاد محمد ابراهيم پنهور کان خداآباد پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي، جنهن بعد هو پنهنجي والد سان گڏ حيدرآباد منتقل ٿيو، جتي هن جامعه عربيه اسڪول ۾ 1975ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان ڏنو. مئٽرڪ ڪرڻ بعد کيس سنڌ ميوزيم ۾ ملازمت ڏني وئي، جتي هن نامور مصور ظفر ڪاظميءَ کان مجسمي سازي ۽ مصوريءَ جي تربيت حاصل ڪئي ۽ گڏوگڏ پنهنجي تعليم جو سلسلو پڻ جاري رکيو. انٽرميڊئيٽ جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ کيس لئنڊ رڪارڊ آفيس ۾ جونيئر ڪلرڪ جي ملازمت ملي، جتي هن ڪجهه سال نوڪري ڪرڻ کان پوءِ بي. اي جو امتحان ڏنو. بعد ۾ سنڌ ۾ اطلاعات کاتي ۾ 1978ع ۾ سينيئر ٽرانسليٽر طور ڀرتي ٿيو، جتان کيس ترقي ڏئي انفرميشن آفيسر دادو مقرر ڪيو ويو. عبدالستار رانجهاڻيءَ کي ننڍي هوندي کان ادب، شاعريءَ ۽ تعليم جي شعبي ۾ ڪافي دلچسپي هوندي هئي ۽ ان حوالي سان هن ڪيترا ليک ۽ مضمون لکيا ۽ شاعري ڪئي.
هن پنهنجي علائقي ۾ تعليم لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي ۽ ڳوٺ ۾ موجود پرائمري اسڪول کي مڊل جي درجي تي پهچايو. ظفر ڪاظميءَ جي شاگرد جي حيثيت سان هن ڪيتريون تصويرون ٺاهيون. 2001ع ۾ کيس اطلاعات کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ترقي ملي.
ڊيوٽيءَ دوران ئي 3 آڪٽوبر 2007ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. کيس 5 پٽن ۽ 5 نياڻين جو اولاد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.12.17  عيسوي

عبدالستار رانجهاڻي، 17 ڊسمبر 1952ع تي دادوءَ جي تاريخي ڳوٺ خداآباد ۾ الهداد رانجهاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.


2007.10.03  عيسوي

عبدالستار رانجهاڻي، ڊيوٽيءَ دوران ئي 3 آڪٽوبر 2007ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. کيس 5 پٽن ۽ 5 نياڻين جو اولاد آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صوفي فقير عبدالله سومرو
عشرت رحماني
چانڊيو رئوف
راڻي
خاطي محمد اسماعيل ڪنڀار ٺٽوي
سيد حامد نوبهار شاهه
پرڀارام سنت
وزير علي ڀنڊ
حاجي بهرام عرف حاجي بهران
شيخ لاڏ جيو پاٽائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون